آمريڪا کي چين جي گهرو معاملن ۾ مداخلت بند ڪرڻ گهرجي، چيني پرڏيهي وزير

چيني پرڏيهي وزير چن گانگ پنهنجي آمريڪي هم منصب اينٽوني بلينڪن کي پيغام موڪليو آهي ته واشنگٽن سندن گهرو معاملن ۾ مداخلت بند ڪري ۽ چين جي مفادن جو احترام ڪري.

ٻنهي وزيرن آچر تي آمريڪي پرڏيهي وزير جي چين جي تجويز ڪيل دوري کان اڳ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

چن گانگ چيو ته هن سال جي شروعات سان چين-آمريڪا لاڳاپن کي نئين مشڪلاتن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو.

هن چيو ته واضح آهي ته ان جو ذميوار ڪير آهي، چين هميشه آمريڪا سان لاڳاپن کي گڏيل احترام، پرامن بقاءُ ۽ سهڪار جي نظر سان ڏٺو آهي، اهو اصول صدر شي جن پنگ پيش ڪيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير ٽوئيٽر تي چيو ته هن پنهنجي چيني هم منصب سان رابطي جا چينل کليل رکڻ جي ڪوششن سان گڏوگڏ ٻه طرفي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

Read Previous

حيدرآباد جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بنا مقابلي چونڊجي ويا

Read Next

آءِ ايم ايف ايندڙ بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

Most Popular