آءِ ايم ايف ايندڙ بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

IMF

ناڻي واري وزارت جي عملدارن چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ايندڙ بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ناڻي واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ٽيڪس ٽارگيٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

عملدارن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ايف بي آر جي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي ڪوششن کي ناقص قرار ڏنو آهي ۽ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جا قدم به ناڪاره آهن.

ناڻي واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي چيو آهي ته ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف به مجموعي بجيٽ فريم ورڪ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

Read Previous

آمريڪا کي چين جي گهرو معاملن ۾ مداخلت بند ڪرڻ گهرجي، چيني پرڏيهي وزير

Read Next

متاثرن کي گهرن جهڙيون سموريون سهولتون نٿيون ڏئي سگهجن، شرجيل ميمڻ

Most Popular