متاثرن کي گهرن جهڙيون سموريون سهولتون نٿيون ڏئي سگهجن، شرجيل ميمڻ

Sharjeel memon

سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته متاثرن کي گهرن جهڙيون سموريون سهولتون نٿيون ڏئي سگهجن.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪمشنر متاثرن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن چيو ته لڏپلاڻ ڪندڙن کي اسڪولن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ رکيو ويو آهي.

شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهي آهي.

صوبائي وزير چيو ته وڏي وزير چيو آهي ته طوفان کان متاثر ساحلي علائقن جي ماڻهن کي گهر ٺاهيا ويندا.

هن اهو به چيو ته ڪراچي ۾ هر ٻئي ٽئين مهيني بسون شامل ڪيون وينديون.

ياد رهي ته سامونڊي طوفان بپرجوئي ڪراچي کان 360 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ ٺٽي کان 355 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه طرف آهي.

Read Previous

آءِ ايم ايف ايندڙ بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

Read Next

آءِ ايم ايف ڪيترين ئي شين تي سوال اٿاريا آهن، عائشه غوث پاشا

Most Popular