آءِ ايم ايف ڪيترين ئي شين تي سوال اٿاريا آهن، عائشه غوث پاشا

ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته آءِ ايم ايف ڪيترين ئي شين تي سوال اٿاريا آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه غوث پاشا چيو ته اسحاق ڊار سان آءِ ايم ايف جي مشن چيف نيٿن پورٽر جي ورچوئل ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، آءِ ايم ايف بجيٽ بابت ڪجهه شين تي وضاحت طلب ڪئي آهي.

عائشه غوث پاشا چيو ته آءِ ايم ايف کي خرچن ۽ ٽيڪسن جي معاملي تي خدشا آهن، آءِ ايم ايف کي بجيٽ حڪمت عملي ۽ ويزن تي بريفنگ ڏني وئي آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف کي ٻڌايو آهي ته بجيٽ جو مقصد معاشي ترقي آڻڻ آهي، عالمي مالياتي اداري سان اسٽريٽجڪ سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي جڏهن ته خرچن سميت ٻين انگن اکرن تي وڌيڪ ٽيڪنيڪل ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

ناڻي واري مملڪتي وزير چيو ته آءِ ايم ايف پاور ڊويزن ۽ اسٽيٽ بينڪ جي عملدارن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو، آءِ ايم ايف اسٽيٽ بينڪ سان مٽا سٽا جي شرح ۽ پاليسي ريٽ تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.

هن چيو ته حڪومت معاشي استحڪام کانسواءِ ڪو به قدم نه کڻندي، پيٽروليم ليوي وڌائڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، رڳو قانون جو دائرو رکيو آهي.

عائشه غوث پاشا اهو به چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته حڪومت پيٽروليم ليوي جي شرح وڌائيندي يا گهٽائيندي.

Read Previous

متاثرن کي گهرن جهڙيون سموريون سهولتون نٿيون ڏئي سگهجن، شرجيل ميمڻ

Read Next

اڳوڻي حڪومت سمورا ترقياتي منصوبا روڪي ڇڏيا هئا: وزيراعظم

Most Popular