اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد پنهنجي ڪيريئر ۾ آيل لاهن چاڙهن تي کليل دل سان ڳالهائيندي مشڪل سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا.
سرفراز احمد آمريڪا ۾ ميٽ ائنڊ گريٽ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته پاڪستان ۽ ڀارتي ڪرڪيٽرن جا لاڳاپا هميشه سٺا رهيا آهن، ماضي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ سيريز ٿيون، جنهن سبب لاڳاپا سٺا رهيا.
هن چيو ته هاڻي رڳو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي ايونٽس ۾ ڏٺو آهي، چيمپئنز ٽرافي 2017 هڪ اهڙو لمحو آهي جنهن جو هر رانديگر خواب ڏسندو آهي.
سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته الله اسان کي هن بهترين ڪاميابي لاءِ چونڊيو آهي جنهن لاءِ اسين بيحد شڪر گذار آهيون، منهنجي دعا آهي ته پاڪستان کي اهڙو موقعو ٻيهر ملي ۽ ميگا ايونٽ جي ٽرافي کٽي.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته جڏهن هن ڪرڪيٽ شروع ڪئي ته معين خان آئيڊيل هو، ان جي پيروي ڪئي، اڳوڻو ڀارتي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني هڪ مثالي رانديگر آهي، مان ان جهڙو ٿيڻ چاهيان ٿو.