عاقب جاويد گلوبل ٽي 20 ۾ ڪوچنگ ڪندو

لاهور قلندرز جو ڊائريڪٽر آف ڪرڪيٽ عاقب جاويد گلوبل ٽي 20 ۾ ڪوچ ڪندو.

عاقب جاويد ڪينيڊين ليگ ۾ ٽورانٽو نيشنلز جي ڪوچنگ ڪندو، لاهور قلندرز سان جڙڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن ليگ ۾ ڪوچنگ ڪندو.

عاقب جاويد جي ڪوچنگ ۾ لاهور قلندرز مسلسل ٻيو ڀيرو پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.

ان حوالي سان عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته مون وٽ وقت هو ان ڪري ڪوچنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ليگ ڊگهي ناهي ان ڪري گهڻو وقت لاهور قلندرز کان پري نه رهندس.

هن چيو ته هو تجربي لاءِ ڪينيڊين ليگ ۾ ڪوچنگ جو حامي آهي ۽ ليگ ۾ وڃڻ سان ٽيلينٽ کي ويجهو ڏسڻ جو موقعو ملندو.

Read Previous

مون ڪرڪيٽ شروع ڪئي ته معين خان آئيڊيل هو، سرفراز احمد

Read Next

سمورو ڌيان ٽريننگ تي آهي، اڳتي لاءِ ناهي سوچيو، امام الحق

Most Popular