سمورو ڌيان ٽريننگ تي آهي، اڳتي لاءِ ناهي سوچيو، امام الحق

Pakistan’s Imam-ul-Haq attends a practice session in Bristol on June 6, 2019, ahead of their 2019 ICC Cricket World Cup match against Sri Lanka. (Photo by Saeed KHAN / AFP) / RESTRICTED TO EDITORIAL USE

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين امام الحق چيو آهي ته منهنجو ڌيان اڄڪلهه ٽريننگ ڪيمپ تي آهي، مستقبل بابت نه ٿو سوچيان.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امام الحق چيو ته ٽيسٽ يا ون ڊي ميچون نه هجن ته به منهنجي روٽين ۾ ڪو فرق ناهي، منهنجي لاءِ ڪو آف سيزن ناهي.

امام الحق چيو ته هتي سريلنڪا جي ٽرننگ وڪيٽن موجب کيڏندي مون کي پنهنجي سوئپ شاٽ کي بهتر بڻائڻو آهي، جنهن لاءِ سخت مشق ڪري رهيو آهيان.

هن چيو ته جڏهن سريلنڪا خلاف سيريز ايندي ته ان بابت سوچيندس، جڏهن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ايندو ته ڏسندس.

امام الحق جو چوڻ هو ته مان سڌو کائيندو آهيان يا ٽريننگ نه ڪندو آهيان، وزن وڌي ويندو آهي، سڄي سال جم جي ٽريننگ جاري رکندو آهيان.

Read Previous

عاقب جاويد گلوبل ٽي 20 ۾ ڪوچنگ ڪندو

Read Next

ڪين ڊول عليزي شاهه جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو

Most Popular