پيپلز پارٽي جو مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو

پيپلز پارٽي جو مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان 160 ووٽ حاصل ڪيا.

پيپلز پارٽي جو سلمان عبدالله مراد ڪراچي جو ڊپٽي ميئر چونڊجي ويو، ذريعن موجب سلمان عبدالله مراد کي 173 ووٽ مليا، جڏهن ته جماعت اسلامي جي اميدوار سيف الدين کي 160 ووٽ مليا.

ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ جماعت اسلامي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان لاءِ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي جي اميدوار مرتضيٰ وهاب کي ووٽنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويو.

ان کان اڳ پولنگ جو وقت شروع ٿيندي ئي پولنگ اسٽيشن آرٽس ڪائونسل جو دروازو بند ڪيو ويو.

اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ جماعت اسلامي جو اميدوار حافظ نعيم الرحمان ۽ پيپلز پارٽي اميدوار مرتضيٰ وهاب آرٽس ڪائونسل پهتا.

ووٽنگ جي عمل دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ نثار کهڙو ۽ سعيد غني به آرٽس ڪائونسل ۾ موجود هئا.

Read Previous

وهاج علي پاڻ کي خوش نصيب ڇو سمجهندو آهي؟

Read Next

ڪراچي کان سامونڊي طوفان بپرجوئي جو فاصلو گهٽجي ويو

Most Popular