آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته پاڪستان سريلنڪا بڻجي وڃي، پوءِ ڳالهيون ڪيون وڃن: اسحاق ڊار

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار انڪشاف ڪيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چاهي ٿو ته پاڪستان سريلنڪا بڻجي وڃي ۽ پوءِ ڳالهيون ڪيون وڃن.

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اسان خلاف جيو پوليٽڪس ڪئي پئي وڃي ته جيئن پاڪستان ڊفالٽ ٿئي.

هن چيو ته پاڪستان خود مختيار ملڪ آهي، آءِ ايم ايف جي هر ڳالهه کي قبول نٿو ڪري سگهجي، آءِ ايم ايف جي درخواست تي نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ رعايتون ڏيڻ تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي.

اسحاق ڊار چيو ته آءِ ٽي ۾ روزگار نه وڌائينداسين ته ڇا 0.29 سيڪڙو ترقي جي شرح رهي؟ آءِ ٽي جي ترقي سان نوجوانن کي روزگار ڏيڻ چاهيون ٿا.

هن اهو به چيو ته هن سال آءِ ٽي ايڪسپورٽ 2.5 بلين ڊالر هوندي، ايندڙ سال آءِ ٽي ايڪسپورٽ 4.5 بلين ڊالر تائين پهچڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته 5 سالن ۾ آئي ٽي ايڪسپورٽ 15 بلين ڊالر تائين پهچڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ جيڪي ترميمون ڪيون ويون آهن، اهي ناقابل برداشت آهن، اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميمون ڪيون ويون پر اڃا تائين مڪمل نه ٿيون.

اسحاق ڊار چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جي بئنڪ آهي نه ئي ڪنهن عالمي اداري جي، پهرين ترجيح وقت تي ادائگيون ڪرڻ آهي، بانڊ سميت ڪابه ادائيگي دير نه ڪئي وئي.

هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميمون ڪيون ويون جنهن ۾ هڪ رياست کي رياست اندر ڏيکاريو ويو، انهن ترميمن جي ڪري رياست اندر رياست بڻجي وئي.

ناڻي واري وزير اهو به چيو ته چئن سالن ۾ 70 ارب ڊالرن جو قرض 100 ارب ڊالر کان وڌي ويو.

Read Previous

ڪراچي کان سامونڊي طوفان بپرجوئي جو فاصلو گهٽجي ويو

Read Next

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي گاڏي سان حادثو

Most Popular