فردوس شميم نقوي کي جناح اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي کي جناح اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فردوس شميم جي علاج بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت فردوس شميم نقوي کي سموريون ضروري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سپرنٽينڊنٽ سينٽرل جيل فردوس شميم نقوي جو جناح اسپتال ۾ معائنو ڪيو وڃي.

عدالت فردوس شميم نقوي جي صحت بابت سپرنٽينڊنٽ سينٽرل جيل کان 20 جون تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فردوس شميم نقوي جي عمر 68 سال آهي ۽ هو ڪينسر جو مريض آهي، کيس ڪجهه ڏينهن کان اين آءِ سي وي ڊي سکر ۾ پڻ داخل ڪيو ويو آهي، کيس سکر کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

سنڌ ۾ ميئر جي سمورن 6 عهدن تي پيپلز پارٽي ڪامياب

Read Next

31 ماڻهن کي گم ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي، حافظ نعيم الرحمان

Most Popular