سنڌ ۾ طوفان جو خطرو ٽرڻ بعد تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي ۾ بپر جوائي سامونڊي طوفان ۾ گهٽتائي اچڻ بعد تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

ڪمشنر ڪراچي سامونڊي طوفان سبب معطل ڪيل امتحان 17 جون کان شروع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ڪمشنر ڪراچي جي هدايتن بعد لاڳاپيل اختيارين پاران تعليمي بورڊن، اسڪول ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتن کي خط لکيا ويا آهن.

خطن ۾ چيو ويو آهي ته سامونڊي طوفان ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي، معطل ڪيل امتحان 17 جون کان شروع ڪيا وڃن.

Read Previous

بپر جواءِ ٻين طوفانن جي ڀيٽ ۾ گهڻي وقت تائين رهيو، شيري رحمان

Read Next

ڪنهن ۾ جرئت آهي ته سنڌين کي ڪراچي مان ڪڍي ڏيکاري، شرجيل ميمڻ

Most Popular