ڪنهن ۾ جرئت آهي ته سنڌين کي ڪراچي مان ڪڍي ڏيکاري، شرجيل ميمڻ

Sharjeel Memon

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڪراچي اچڻ کان روڪيو وڃي ٿو، ڪنهن ۾ جرئت آهي ته سنڌين کي ڪراچي مان ڪڍي ڏيکاري.

سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي ڪالهه ڪراچي ۾ نفرت ۽ انتهاپسندي جي سياست کي شڪست ڏني آهي..

صوبائي وزير چيو ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ جو ئي شهر رهندو، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو ڪير تصور به نه ڪري، جنهن ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جو سوچيو اهو لنڊن ۾ لاڪ ٿي ويو.

شرجيل ميمڻ چيو ته عمران نيازي واري آدمشماري تي اعتراض ڪيو پر ايم ڪيو ايم چيو ته آدمشماري ٺيڪ ٿي آهي ان وقت اوھان وفاقي حڪومت جو حصو ها

هن چيو ته برسات سبب هڪ ڪروڙ آبادي متاثر ٿي، سنڌ حڪومت 21 لک گهر ٺهرائي رهي آهي، طوفان جي خدشي سبب سنڌ حڪومت 70 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو، ٽرانسپورٽ، کاڌ خوراڪ ۽ ٻين سهولتن تي وڏي رقم خرچ ڪئي آهي.

Read Previous

سنڌ ۾ طوفان جو خطرو ٽرڻ بعد تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت

Read Next

حافظ نعيم الرحمان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، سعيد غني

Most Popular