حافظ نعيم الرحمان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، سعيد غني

Saeed ghani

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته حافظ نعيم الرحمان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جا ميمبر اغوا ڪرڻ وارو الزام غلط آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته 9 مئي جي واقعن بعد پي ٽي آءِ وڌيڪ ورهائجي وئي پر تحريڪ انصاف ۾ گروپنگ وڏي عرصي کان هئي.

صوبائي وزير چيو ته جماعت اسلامي چاهيو پئي ته زبردستي ووٽ وٺون، فردوس شميم حلف نه کنيو، هو ووٽ ڏيڻ جو حقدار نه هو.

هن چيو ته ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد شهرين جي خدمت ڪندا ۽ مسئلا حل ڪندا، پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته قيادت اعتماد ۾ نه ورتو، حافظ نعيم ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.

Read Previous

ڪنهن ۾ جرئت آهي ته سنڌين کي ڪراچي مان ڪڍي ڏيکاري، شرجيل ميمڻ

Read Next

شهباز شريف بنا مقابلي مسلم ليگ ن جو صدر چونڊجي ويو

Most Popular