يونان ۾ ٻيڙي حادثي تي وزيراعظم سڀاڻي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف يونان ويجهو ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين ۽ ٻين ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي سڀاڻي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

سوڳ جي ڏهاڙي جي موقعي تي قومي جهنڊو سڀاڻي اڌ نويل رکيو ويندو، وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ان موقعي تي مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ خصوصي دعا گهري ويندي.

ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم چيو ته ايٿنس ۾ پاڪستاني سفارتخاني 12 پاڪستانين جي سڃاڻپ ڪئي آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ يونان ويجهو سمنڊ ۾ مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏي وڃڻ جو حادثو پيش آيو هو. هن حادثي ۾ 41 پاڪستاني شهري لاپتا آهن، ايٿنس مان مليل اطلاعن موجب حادثي ۾ 79 مهاجر ٻڏي ويا.

ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ٻيڙيءَ مان 104 مسافرن کي بچايو ويو آهي، چيو وڃي ٿو ته 65 کان 100 فوٽ ڊگھي ٻيڙيءَ ۾ 750 ماڻهو سوار هئا.

Read Previous

امرتا رائو ۽ آر جي انمول جي شادي ۾ عامر خان ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟

Read Next

دبئي ۾ آصف زرداري سان پنجاب جي نگران وڏي وزير جي ملاقات

Most Popular