وزيراعظم کي بلاول ڀٽو جي ڌمڪي تي احسن اقبال جو رد عمل

منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پاران وزيراعظم شهباز شريف کي خبردار ڪرڻ تي ردعمل ڏنو.

حڪومتي اتحاد جي ٻن وڏين پارٽين پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ مالي سال 24-2023 جي بجيٽ تي اختلاف وڌي ويا آهن.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ بلاول ڀٽو سميت ٻنهي پارٽين جا وزير ۽ مالياتي معاملن جا ماهر شرڪت ڪندا.

بلاول ڀٽو ڪالهه سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم تي بجيٽ ۾ ڪيل واعدا پورا نه ڪرڻ جو الزام هنيو ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ رقم نه ملي ته پ پ جي بجيٽ منظور نه ڪئي ويندي.

ان تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته بجيٽ جي تياري ۾ سمورن اتحادين کي شامل ڪيو ويو، حڪومت جي ڪوشش آهي ته هر فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو وڃي.

Read Previous

دبئي ۾ آصف زرداري سان پنجاب جي نگران وڏي وزير جي ملاقات

Read Next

سراج الحق جو ٻيهر ڪراچي جي ميئر جي چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو

Most Popular