سراج الحق جو ٻيهر ڪراچي جي ميئر جي چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو

امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي مينڊيٽ تي راتاهو هڻڻ وارن خلاف هو عدالت ۾ ويندا.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته ڪراچي ۾ مينڊيٽ تي ڦرلٽ ڪئي وئي، رات ڏينهن قتل ڪيو ويو، پيپلز پارٽي اليڪشن نه کٽي، ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪارروائي ڪئي، پيپلز پارٽي 30 ڪروڙ عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو.

سراج الحق چيو ته پيپلز پارٽي چوي ٿي ته شهزادن جي خواهش هئي ته ڪراچي جو ميئر پيپلز پارٽي جو هجي، ڪراچي جي ننڍي چونڊ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجو وقار وڃائي چڪي آهي، ڪراچي جي عوام پنهنجي ٻارن جي خاطر جماعت اسلامي تي اعتماد ڪيو.

امير جماعت اسلامي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آهي، نه لاڙڪاڻي نه سکر نه حيدرآباد جي ترقي ٿي آهي. هي مينڊيٽ توهان هضم نه ڪري سگهندا، 1977ع ۾ به توهان ان ۾ دھاندلي جي ڪوشش ڪئي هئي.

Read Previous

وزيراعظم کي بلاول ڀٽو جي ڌمڪي تي احسن اقبال جو رد عمل

Read Next

آمريڪا کي اهڙي صورتحال ۾ نه ڌڪي، جتي اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پون: خواجا آصف

Most Popular