اسپيشل اولمپڪس، افتتاحي تقريب ۾ 137 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جي شرڪت

برلن ۾ 16هين اسپيشل اولمپڪ ورلڊ گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ 137 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ ثقافتي لباس پهريل شرڪت ڪئي.

اولمپيا اسٽيڊيم پهچڻ تي پاڪستاني ٽيم جو شاندار استقبال ڪيو ويو.

افتتاحي تقريب جي 8 مشعل بردارن ۾ ميرپورخاص جي پاڪستاني رانديگر ثنا به شامل هئي.

افتتاحي تقريب ۾ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر محمد فيصل پاڪستان جي نمائندگي ڪئي جڏهن ته جرمن صدر فرينڪ والٽر ۽ چانسلر اولاف شولز پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

انٽرنيشنل اسپورٽس ايونٽ ۾ 190 ملڪن جا 7 هزار رانديگر حصو وٺي رهيا آهن، ايونٽ ۾ 26 مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا ويندا ۽ هي ايونٽ 17 کان 25 جون تائين جاري رهندو.

پاڪستان جي 137 رڪني وفد ۾ 54 مرد ۽ 33 عورتون شامل آهن جيڪي 11 راندين ۾ حصو وٺندا.

پاڪستاني رانديگر ايٿليٽڪس، بيڊمنٽن، باسڪٽ بال، بوچي، سائيڪلنگ، فوٽ بال، هاڪي، پاور لفٽنگ، سوئمنگ، ٽينس ۽ ٽيبل ٽينس ۾ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريندا.

Read Previous

ڀارتي فوج ۾ هر ٽئين ڏينهن آپگهات جو هڪ واقعو

Read Next

حڪومت پاران فلم فنانس فنڊ شروع ڪرڻ جو اعلان

Most Popular