پاڪستان جو اعتراض، آءِ سي سي تجويز ڪيل ميدانن ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي: ڀارتي ميڊيا

2023-World-Cup

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ ميچن جي تجويز ڪيل ميدانن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي آهي.

ڀارتي ميڊيا چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آءِ سي سي کي ڪو به مضبوط سبب فراهم نه ڪيو آهي، بيٽنگ يا بالنگ کي سپورٽ ڪندڙ پچن تي اعتراض ڪو مضبوط سبب ناهي.

واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ خميس تي آءِ سي سي کي ميدانن بابت پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪيو هو.

ذريعن موجب پي سي بي ورلڊ ڪپ جي 2 ميچن جي هنڌن تي ڊيٽا جي بنياد تي اعتراض اٿاريو هو.

پي سي بي مطالبو ڪيو هو ته افغانستان خلاف چنائي ۾ ۽ آسٽريليا خلاف بنگلور ۾ ٿيندڙ ميچن جو هنڌ تبديل ڪيو وڃي، افغانستان خلاف وينيو بدلائي بنگلور ۽ آسٽريليا خلاف وينيو تبديل ڪري چنائي ڪيو وڃي.

احمد آباد ۾ ڀارت خلاف ميچ ۾ پي سي بي جي شرڪت حڪومتي اجازت سان مشروط آهي، ورلڊ ڪپ جي شيڊيول ۽ ميدانن تي آءِ سي سي ميمبر ملڪن جي راءِ ڄاڻڻ پروٽوڪول جو حصو آهي.

سيڪيورٽي مسئلن جي بنياد تي جڳهه جي تبديلي ممڪن آهي، جيئن 2016 ۾ ڪيس هو.

واضح رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي شيڊول جو باضابطا اعلان نه ڪيو آهي.

Read Previous

مڪاني چونڊن ۾ بائيڪاٽ لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان پيپلز پارٽي کان ڏوڪرڙ ورتا، آفاق احمد

Read Next

عامر جمال شاهين آفريدي کي نوجوان بالرن لاءِ رول ماڊل قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular