عامر جمال شاهين آفريدي کي نوجوان بالرن لاءِ رول ماڊل قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستاني ڪرڪيٽر عامر جمال چيو آهي ته فاسٽ بالر شاهين آفريدي پاڻ کي ٽنهي فارميٽ ۾ بهتر ثابت ڪيو آهي، هو نوجوان بالرز لاءِ رول ماڊل آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر جمال چيو ته مان ٽيسٽ ٽيم جو نيٽ بالر بڻجي آيو آهيان هاڻي ان ئي ٽيم جي اسڪواڊ جو حصو آهيان.

عامر جمال جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن موقعو مليو ته سٺي پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، اهڙي پرفارمنس چاهيان ٿو جنهن سان ٽيم کي فائدو ٿئي.

هن چيو ته مان آل رائونڊر جي حيثيت کي پورو ڪرڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهيان، مان هميشه هاڪاري رهيو آهيان، سريلنڪا خلاف ٽيسٽ ۾ جيڪڏهن موقعو مليو ته ان مان فائدو وٺندس.

هن جو اهو به چوڻ آهي ته مون سخت محنت ڪئي آهي، سريلنڪن حالتن موجب ٽريننگ ڪئي آهي.

Read Previous

پاڪستان جو اعتراض، آءِ سي سي تجويز ڪيل ميدانن ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي: ڀارتي ميڊيا

Read Next

ويرات ڪوهلي هڪ هزار ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ مشهور شخصيتن ۾ شامل

Most Popular