ويرات ڪوهلي هڪ هزار ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ مشهور شخصيتن ۾ شامل

ڀارت جو اسٽار ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي 1000 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ مشهور شخصيتن ۾ شامل ٿي ويو آهي.

ڀارتي جرنل جي رپورٽ موجب ويرات ڪوهلي 1050 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڪمائيندڙ ڪرڪيٽر آهي.

ڀارتي ٽيم جو معاهدو هر سال 7 ڪروڙ رپيا، ٽيسٽ لاءِ 15 لک رپيا، ون ڊي لاءِ 6 لک رپيا ۽ ٽي 20 ميچن لاءِ 3 لک رپيا ادا ڪندي آهي.

ميگزين جي رپورٽ موجب ويرات ڪوهلي ٽي 20 ليگ مان هر سال 15 ڪروڙ رپيا ڪمائي ٿو، ڪيترن ئي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي، 18 مختلف برانڊز جو سفير آهي.

رپورٽ موجب ويرات ڪوهلي هڪ برانڊ کان 7.5 ڪروڙ کان 10 ڪروڙ رپيا وٺندو آهي، ڪوهلي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ تان 8.9 ڪروڙ رپيا ۽ ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ تان 2.5 ڪروڙ رپيا وٺندو آهي.

ڀارتي جرنل پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به چيو آهي ته ويرات ڪوهلي وٽ ريسٽورنٽ ۽ لگزري ايٿليٽڪ وير پڻ آهن، ڪوهلي ممبئي ۾ 34 ڪروڙ رپين جي ماليت ۽ گروگرام ۾ 80 ڪروڙ رپين جي گهر جو مالڪ آهي، سندس استعمال جون گاڏيون 31 ڪروڙ رپين جون آهن.

Read Previous

عامر جمال شاهين آفريدي کي نوجوان بالرن لاءِ رول ماڊل قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

شاهد آفريدي پنهنجي ڌيءَ جي شادي ملتوي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular