شاهد آفريدي پنهنجي ڌيءَ جي شادي ملتوي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ڌيءَ انشا ۽ ڪرڪيٽر شاهين آفريدي جي شادي ملتوي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.

هڪ خانگي چينل جي ميزبان سويرا پاشا پنهنجي ڌيءَ جي شادي جي حوالي سان سوال ڪندي چيو ته عيدالفطر تي جڏهن توهان ۽ شاهين سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ته توهان ٻڌايو هو ته انشا جي موڪل سيپٽمبر ۾ ٿيندي پر هاڻي ته ايشيا ڪپ آهي ته ان ڪري شادي دير ٿيندي نظر اچي پئي.

شاهد آفريدي چيو آهي ته ايشيا ڪپ سبب شاهين شاهه آفريدي ۽ انشا جي شادي ملتوي ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته مون کي تاريخ ۽ مهيني جي خبر هئي مون صرف توهان کي ٻڌايو، ٻنهي جي شادي 3 سيپٽمبر تي ٿيڻي هئي، جيڪا هاڻي ملتوي ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته مان سمجهان ٿو ته جلد يا دير سان شادي ٿيندي، ايشيا ڪپ وقت تي ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۽ شاهين ٻنهي لاءِ اهم آهي، انشاءَ الله شادي جي تاريخ کي اڳتي پوئتي ڪرڻو پوندو.

ان کان پوءِ سويرا پاشا سوال ڪيو ته ورلڊ ڪپ ايشيا ڪپ کان فوري پوءِ ڀارت ۾ ٿيڻو آهي، پوءِ ڇا اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته انشا ۽ شاهين جي شادي نومبر جي آخر ۾ يا ڊسمبر جي شروعات ۾ ٿيندي؟

واضح رهي ته شاهين شاهه آفريدي ۽ انشا آفريدي جو هلندڙ سال فيبروري جي شروعات ۾ ڪراچي ۾ نڪاح ٿيو هو.

Read Previous

ويرات ڪوهلي هڪ هزار ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ مشهور شخصيتن ۾ شامل

Read Next

شروعات ۾ پنهنجي پهرين فلم سپر اسٽار ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، عليزي شاهه

Most Popular