مون شادي نه پئي ڪرڻ چاهي، آغا علي

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪار ۽ ميزبان آغا علي انڪشاف ڪيو آهي ته هن شادي نه پئي ڪرڻ چاهي.

تازو ئي اداڪار هڪ خانگي چينل کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن ميزبان جي مختلف سوالن جا جواب ڏنا، شادي جي حوالي سان هڪ سوال تي هن انڪشاف ڪيو ته هن شادي ڪرڻ نه پئي چاهي.

ميزبان جي تجسس تي جواب ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن سان هر ڳالهه شيئر ڪرڻ وڏو فيصلو هوندو آهي پر هاڻ حنا سان شادي ڪرڻ کانپوءِ آئون سندس شڪريو ادا ڪيان ٿو.

بهرحال شاديءَ کان اڳ سڀ دوست هڪ ئي صلاح ڏيندي نظر آيا ته شادي نه ڪجو، شادي ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو ڦاسي پوي ٿو وغيره وغيره.

هن وڌيڪ چيو ته شادي کان اڳ مان حنا کي ڪجهه مهينن کان سڃاڻندو هئس پر ان کي چڱيءَ ريت نه سڃاڻندو هئس، ان ڪري انهن سڀني ڳالهين جي ڪري شادي ڪرڻ وقت خوف هو، پر شڪر آهي ته شادي سٺي ڳالهه آهي ۽ ٿيڻ گهرجي.

Read Previous

شروعات ۾ پنهنجي پهرين فلم سپر اسٽار ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، عليزي شاهه

Read Next

نمل خاور تي تنقيد جو سلسلو جاري، ڀاڄائي مٿس لڳل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

Most Popular