چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت منظور

لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج علي رضا محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالت چوڌري پرويز الاهي جي 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

واضح رهي ته چوڌري پرويز الاهي کي پهرين جون تي لاهور ۾ سندس گهر ويجهو گرفتار ڪيو ويو هو، کيس اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪيو هو.

اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪميشن وٺڻ جي الزام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان جيل ۾ ملاقات ڪئي هئي.

Read Previous

9 مئي تي پاڪستان کي پٽڙي تان لاهڻ لاءِ وڏي هلچل مچائي وئي، شهباز شريف

Read Next

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا جي دوري جي شيڊول جو اعلان

Most Popular