پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا جي دوري جي شيڊول جو اعلان

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا جي دوري جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي، 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز گال ۽ ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي.

پهرين ٽيسٽ 16 کان 20 جولاءِ تائين گال انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ڪولمبو ۾ سنهاليز اسپورٽس ڪلب 24 کان 28 جولاءِ تائين ٻي ٽيسٽ جي ميزباني ڪندو.

گذريل سال پاڪستاني ٽيم گال انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ 342 رنسن جو ٽارگيٽ پار ڪندي ٽيسٽ ميچ 4 وڪيٽن تان کٽي ورتي، جيڪو هن گرائونڊ تي سڀ کان وڌيڪ ٽارگيٽ پار ڪري ٽيسٽ کٽڻ جو رڪارڊ آهي.

آخري دفعو پاڪستاني ٽيم سنهاليز اسپورٽس ڪلب ۾ 2014ع ۾ ٽيسٽ مئچ کيڏي هئي، ان ميدان ۾ پاڪستان ٽيم 6 ٽيسٽ ميچون کيڏيون آهن، جن مان هن هڪ ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ هڪ ۾ شڪست کاڌي آهي، جڏهن ته 4 ٽيسٽ ڊرا ٿي چڪا آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 9 جولاءِ تي ڪولمبو پهچندي ۽ ٽيسٽ سيريز کان اڳ 11 ۽ 12 جولاءِ تي ٻه ڏينهن واري وارم اپ ميچ به کيڏندي.

Read Previous

چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت منظور

Read Next

اميتاڀ بچن مون کي ڪيترائي ڀيرا چماٽون هنيون: ريکا جو پنهنجي سوانح عمري ۾ انڪشاف

Most Popular