اميتاڀ بچن مون کي ڪيترائي ڀيرا چماٽون هنيون: ريکا جو پنهنجي سوانح عمري ۾ انڪشاف

ليجنڊ بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن ۽ اداڪاره ريکا ماضي جي پسنديده آن اسڪرين جوڙين مان هڪ آهي.

جيتوڻيڪ ٻئي مايا ناز اداڪار ڪڏهن به رشتي ۾ نه رهيا آهن، انهن ڪڏهن به ان بابت کليل طور تي نه ڳالهايو آهي، پر ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، انهن ۾ هڪ وقت ۾ مضبوط رومانوي لاڳاپا هئا.

تازو ئي گذريل ڏينهن کان هڪ اڻ وڻندڙ واقعو ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، جنهن موجب ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن ۽ اداڪاره ريکا جي زندگي ۾ هڪ اهڙو وقت به آيو جڏهن اداڪارا کي اميتاڀ بچن جي ناراضگي جو منهن ڏسڻو پيو ۽ کين سخت ڪاوڙ جو منهن ڏسڻو پيو. ريکا کي ڪيترائي ڀيرا چماٽون هنيون.

ميڊيا رپورٽن موجب هي اهو وقت هو جڏهن بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن فلم ”لاوارث“ جي شوٽنگ ۾ مصروف هو، انهن ڏينهن ۾ هڪ طرف هن جو ۽ ريکا جو نالو هڪ ٻئي سان جڙيل هو ته ٻئي طرف اميتاڀ بچن ۽ جيا بچن شادي ڪئي هئي

ان سان گڏ اميتاڀ بچن جي ايراني ڊانسر سان لاڳاپن جون خبرون به ميڊيا تي اچڻ لڳيون، اداڪارا ريکا جي سوانح عمري ۾ ٻڌايو ته هن اميتاڀ بچن کان گردش ڪندڙ خبرن تي وضاحت طلب ڪئي.

اداڪار اميتاڀ بچن ڪابه وضاحت ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، جڏهن ريکا جو دٻاءُ وڌڻ لڳو ته اميتاڀ بچن کيس هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا چماٽ هنيا، جنهن کانپوءِ اداڪارا ريکا اميتاڀ بچن سان فلم ”سالا“ ۾ گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

Read Previous

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا جي دوري جي شيڊول جو اعلان

Read Next

اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا فوجي عدالتن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

Most Popular