اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا فوجي عدالتن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

سپریم کورٹ

اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا فوجي عدالتن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.

جواد ايس خواجا وڪيل عزيز چغتائي ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته فوجي عدالتن ذريعي عام ماڻهن جي ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي، فوجي عدالتن ۾ ٽرائل لاءِ هٿ آيل ماڻهن کي ڪٿي رکيو ويو آهي؟ ڊيٽا طلب ڪئي وڃي.

درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي وئي ته فوجي عدالتن جي ڪارروائي کي روڪيو وڃي ۽ کين حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

درخواست ۾ چيو ويو ته درخواستگذار جو ارادو ڪنهن پارٽي يا اداري جي حمايت يا حملو ڪرڻ نه هو.

جواد ايس خواجا جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواستگذار جو ان ڪيس ۾ ڪو به ذاتي مفاد ناهي ۽ ان جو مقصد ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث جوابدارن کي بري ڪرڻ ناهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار جوابدار جي ڪنهن به ڪارروائي جي حمايت نٿو ڪري، عام شهرين خلاف ڪيس هلائڻ جو فورم ڪرمنل ڪورٽس آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي رڳو هٿياربند فوج جي اهلڪارن خلاف ٿي سگهي ٿي، جنهن جو مقصد فورسز ۾ نظم و ضبط برقرار رکڻ آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فوجي عدالت ۾ انهيءَ سويلين جو ڪيس هلي سگهي ٿو جيڪو فوج ۾ ڪم ڪندڙ حاضر سروس ملازم هجي، فوجي عدالتن جي فيصلن سان بنيادي حقن تي سڌو سنئون اثر پوندو.

Read Previous

اميتاڀ بچن مون کي ڪيترائي ڀيرا چماٽون هنيون: ريکا جو پنهنجي سوانح عمري ۾ انڪشاف

Read Next

نبيل گبول جي پٽ بلاول جي پراڻي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

Most Popular