قطر ۽ يو اي اي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال، سعودي عرب پاران آجيان

قطر ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ٿي ويا آهن، جنهن کي سعودي عرب به ڀليڪار ڪيو آهي.

عرب ميڊيا موجب قطر ۽ گڏيل عرب امارات ۾ سفارتخانن پنهنجو ڪم ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ سعودي عرب جو چوڻ آهي ته هو قطر ۽ امارات ۾ سفارتي نمائندگي جي بحالي جي آجيان ڪري ٿو.

سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته قطر ۽ امارات وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي هڪ مثبت قدم آهي.

سعودي عرب اهو به چيو آهي ته قطر ۽ امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحاليءَ سان نار تعاون ڪائونسل جي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.

Read Previous

نبيل گبول جي پٽ بلاول جي پراڻي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

Read Next

نسيم شاهه ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular