وفاقي بجيٽ 24-2023ع ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ الڳ بجيٽ (فنڊ) رکڻ جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو.
ذريعن موجب سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ٽيم سميت اسلام آباد پهچي ويو آهي، جتي هو اڄ وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو.
ذريعن موجب چيف سيڪريٽري سنڌ به وڏي وزير سان گڏ اسلام آباد پهچي ويو آهي.
شهباز شريف سان ملاقات ۾ مراد علي شاهه ٻوڏ متاثرن لاءِ الڳ بجيٽ نه رکڻ جو معاملو اٿاريندو.