سنڌ حڪومت پاران پيپلز بس سروس ايپ 22 جون کان لائونچ ڪرڻ جو اعلان

بجلي تي هلندڙ بسون

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ 22 جون کان پيپلز بس سروس ايپ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي ۽ اين آر ٽي سي عملدارن جو اجلاس ٿيو.

اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام کي بهترين، آرامده ۽ سستي بس سروس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، سنڌ حڪومت عوام جي سفري مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي.

هن يقين ڏياريو ته پيپلز بس سروس ذريعي ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري علائقن سان ڳنڍيو ويندو.

اجلاس ۾ انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم تحت پيپلز بس سروس هلائڻ ۽ ان کي آن لائن سسٽم سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

صوبائي وزير چيو ته هاڻي پيپلز بس سروس کي انٽيليجنس ٽرانسپورٽ سسٽم تحت مانيٽر ڪري سگهجي ٿو، مسافر بس سروس ايپ ذريعي آساني سان گاڏي جي هنڌ جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا ۽ مسافر آن لائن بکنگ، روٽ، ڀاڙو ۽ ٻي ضروري معلومات پڻ حاصل ڪري سگهندا.

Read Previous

ٽائيٽينڪ سياحتي آبدوز جي لاپتا 5 ماڻهن ۾ 2 پاڪستاني به شامل

Read Next

انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي سخت قانونن تحت سزا ڏياري ويندي، گراڻا ثناءُ الله

Most Popular