انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي سخت قانونن تحت سزا ڏياري ويندي، گراڻا ثناءُ الله

راڻا ثناءُ الله

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته انساني اسمگلنگ جي جاچ ڪئي پئي وڃي، انهن اسمگلرن کي سخت قانونن تحت سزا ڏني ويندي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته انساني اسمگلرن کي 20 کان 25 لک رپيا في ماڻهو ملندا هئا.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته انهن انساني اسمگلرن بابت عالمي تعاون به حاصل ڪيو ويندو، اڪثر ڪيسن ۾ ايجنٽ مدعي کي پئسا ڏئي ڪيس ختم ڪندا آهن.

هن چيو ته انساني اسمگلنگ جي جاچ لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، ڪميٽي پنهنجو ڪم مڪمل ڪري هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪندي.

هنن جو چوڻ آهي ته انساني حقن جون تنظيمون ننڍين وڏين معاملن تي خط لکنديون آهن، کين اها نظر نٿي اچي.

گهرو وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت ساحلي محافظن جي رويي بابت يوناني حڪومت سان ڳالهائيندي، جيڪي ٻيڙي حادثي ۾ بچي ويل ڪهاڻي ٻڌائي رهيا آهن.

Read Previous

سنڌ حڪومت پاران پيپلز بس سروس ايپ 22 جون کان لائونچ ڪرڻ جو اعلان

Read Next

ڪراچي ۾ منشيات ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي اڏام تان لاٿو ويو

Most Popular