ڪراچي ۾ منشيات ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي اڏام تان لاٿو ويو

ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي اميگريشن اهلڪارن ڪارروائي ڪري منشيات ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ اي ترجمان موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي يو اي اي ويندڙ مسافر کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو.

جوابدار مجتبيٰ اي اين ايف کي گهربل هو، سندس نالو اميگريشن بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو.

مجتبيٰ وزٽ ويزا تي فلائيٽ نمبر پي ڪي 213 ذريعي يو اي اي وڃي رهيو هو، جوابدار خلاف منشيات اسمگلنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جوابدار کي بعد ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس حوالي ڪيو ويو.

Read Previous

انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي سخت قانونن تحت سزا ڏياري ويندي، گراڻا ثناءُ الله

Read Next

قطر ۽ چين وچ ۾ 27 سالن لاءِ گئس جي فراهمي جو ٻيو معاهدو

Most Popular