ڪراچي جي بجلي صارفين تي 5 رپيا 52 پئسا في يونٽ سرچارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري

Ishaq Dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 2 رپيا 50 پئسا سرچارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

اعلان موجب ڪراچي جي بجلي صارفين کان 12 مهينن ۾ سرچارج جي صورت ۾ وصول ڪئي ويندي.

اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ نظرثاني ٿيل سرڪلر ڊيبٽ مئنيجمينٽ پلان تي به غور ڪيو ويو.

اي سي سي سرڪاري پاور پلانٽس کي 20 ارب رپيا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني، آزاد ڪشمير جي بقايائن لاءِ 56 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

پڌرائي موجب ڪاٺ جي درآمد لاءِ موجوده شرطن کي رد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت کي سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

اي سي سي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ادارن کي دواسازي جو ڪچو مال درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، مختلف وزارتن ۽ کاتن کان ضمني گرانٽس جي به منظوري ڏني وئي.

Read Previous

صدر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

ميان اسلم اقبال ۽ ٻين جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

Most Popular