جو بائيڊن پاران شي جن پنگ کي آمر قرار ڏيڻ تي چين جو ردعمل

چين جي پرڏيهي معاملن واري وزارت آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران چيني صدر شي جن پنگ کي آمر قرار ڏيڻ جو جواب ڏنو آهي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان جي سخت مذمت ڪري ٿو، آمريڪي بيان انتهائي کل جوڳو ۽ غير ذميواراڻو آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جو بيان بنيادي حقيقتن، سفارتي پروٽوڪول ۽ چين جي سياسي وقار جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چيني صدر کي ڊڪٽيٽر قرار ڏيڻ چين جي سياسي وقار جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ کليل سياسي اشتعال انگيز آهي.

Read Previous

ايم اين اي علي وزير جي گرفتاري تي سينيٽر رضا رباني جو رد عمل

Read Next

لنڊن ۾ پاڪستاني شاگردياڻي جي قتل جو جوابدار تي ڏوهه ثابت

Most Popular