لنڊن ۾ پاڪستاني شاگردياڻي جي قتل جو جوابدار تي ڏوهه ثابت

لنڊن ۾ پاڪستاني شاگردياڻي حنا بشير جي قتل ۾ ملوث جوابدار ارسلان کي جمعي تي سزا ٻڌائي ويندي.

12 رڪني جيوري ارسلان جي غير ارادي قتل جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جج رچرڊ مارڪس جمعي تي محمد ارسلان کي سزا ٻڌائيندو.

الفرڊ ۾ 21 سالن جي پاڪستاني شاگردياڻي حنا بشير کي جولاءِ 2022 ۾ قتل ڪيو ويو هو.

حنا بشير جو لاش اپ منسٽر واري علائقي مان سوٽ ڪيس مان مليو.

حنا بشير جي قتل جي الزام ۾ سندس 26 سالن جي دوست ارسلان کي گرفتار ڪيو ويو.

جوابدار ارسلان ٻڌڻي جي شروعات ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪندي ان کي غير ارادي قتل قرار ڏنو.

Read Previous

جو بائيڊن پاران شي جن پنگ کي آمر قرار ڏيڻ تي چين جو ردعمل

Read Next

پرويز الاهي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو

Most Popular