سني ديول جي زال پٽ جي شادي جي تصويرن سبب ٽرول ٿي وئي

بالي ووڊ اداڪار سني ديول جي گهرواري پوجا ديول پنهنجي وڏي پٽ ڪرن ديول جي شادي جي تصويرن سبب ٽرول جو شڪار ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪرن ديول 18 جون تي پنهنجي گرل فرينڊ دريشا آچاريا سان شادي ڪئي جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.

پوجا ديول جيڪا ڪيترن ئي سالن کان ميڊيا کان پري آهي، پنهنجي پٽ جي شادي جي موقعي تي ڪجهه تصويرن ۾ به نظر آئي.

شادي جي موقعي تي آيل تصويرن ۾ ڏسندڙن جون نظرون پوجا ديول تي لڳل هيون، جتي هوءَ اداس ۽ مايوس نظر اچي رهي هئي.

شادي جي تصويرن تي تبصرو ڪندي چيو ويو ته پوجا ديول بلڪل اداس نظر اچي رهي آهي.

هڪ صارف سوال ڪيو ته سندس چهرو خوش ڇو نه آهي؟ ٻئي تبصرو چيو ته هوءَ گهڻو خوش نظر نه ايندي آهي.

Read Previous

13 لک 42 هزار 351 پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا

Read Next

اولمپئن جيولين ٿرور ارشد نديم ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ مان ٻاهر

Most Popular