عدليا کي اپيل آهي ته ڪجهه ته لحاظ ڪري: خواجا آصف

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عدليه کي اپيل آهي ته ڪجهه لحاظ ڪريو، ڪجهه ورثي ۾ ڇڏي وڃو ته جيئن اوهان کي ياد ڪيو وڃي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته سياسي مقصدن لاءِ ملڪ جي عزت ۽ وقار کي داغدار نه ڪيو، اوهان ماڻهو وڃي رهيا آهيو ته ڪجهه ورثي ۾ ڇڏي وڃو ته جيئن ماڻهو اوهان کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪن.

خواجا آصف چيو ته اوهان انصاف جي سڀ کان وڏي سيٽ تي ويٺا آهيو، متان اوهان ماضيءَ جو قصو بڻجي وڃو ۽ تاريخ اوهان کي حذف ڪري ڇڏي.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته هڪ شخص بم ٺاهي رهيو آهي ۽ اڇلائي رهيو آهي، ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته فوجي عدالتن ۾ شهرين جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ کڻي ويا آهن، گذريل حڪومتي دور ۾ فوجي عدالتن 24 کان 25 ماڻهن کي سزائون ڏنيون هيون.

خواجا آصف چيو ته هينئر ئي خبر پئي آهي ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بابت درخواست تي سپريم ڪورٽ جي بينچ ورهائجي وئي آهي، نتيجا اڄ يا سڀاڻي سامهون ايندا.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته جن هي معاملو اٿاريو انهن جا سياسي مفاد آهن، درخواستگذارن کي پنهنجي پارٽين سان خدشا آهن.

Read Previous

حڪومت پاران 28 جون تي به عيد جي موڪل ڏيڻ جو فيصلو

Read Next

لاپتا آبدوز ٽائيٽن جي آخري وڊيو جاري ڪئي وئي

Most Popular