لاپتا آبدوز ٽائيٽن جي آخري وڊيو جاري ڪئي وئي

اوقيانوس سمنڊ ۾ ٽائيٽانڪ جهاز جي باقيات ڏيکاريندڙ سياحن جي لاپتا آبدوز ٽائيٽن جي آخري وڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي.

هڪ 22 سالن جي عورت فوٽوگرافر، جيڪا ٽائيٽن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ مٿاڇري تي موجود جهاز جي عملي جو حصو هئي، سمنڊ جي تري ۾ وڃڻ کان اڳ آخري لمحن ۾ ’ٽائيٽن‘ سان سيلفي ورتي، جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

ايبي جيڪسن نالي هڪ فوٽوگرافر مٿي ڏنل وڊيو ٽڪ ٽاڪ تي پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آبدوز ٽائيٽن، جيڪا سياحن کي کڻي وڃي رهي آهي، آهستي آهستي سمنڊ جي تري ۾ اچي رهي آهي، جنهن ۾ ٽڪ ٽاڪ جي تصوير پڻ ورتي وئي.

واضح رهي ته 77 سالن جو پال هينري ان کان اڳ ٽائيٽينڪ جو 37 ڀيرا مشاهدو ڪري چڪي هئي، جنهن ڪري کيس مسٽر ٽائيٽينڪ سڏيو وڃي ٿو.

آبدوز ۾ عملو جي پنجن ميمبرن مان 2 پاڪستاني ڄاوا مسافر پرنس دائود ۽ سندس پٽ سليمان کان علاوه هڪ برطانوي ارب پتي ۽ آبدوز جو پائليٽ سميت ٽيڪنيڪل ماهر به شامل آهن.

Read Previous

عدليا کي اپيل آهي ته ڪجهه ته لحاظ ڪري: خواجا آصف

Read Next

سٽي ڪائونسل کي قانون موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي: ميئر ڪراچي

Most Popular