سٽي ڪائونسل کي قانون موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي: ميئر ڪراچي

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته سٽي ڪائونسل کي قانون موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، واعدو آهي ته مثبت تبديلي نظر ايندي.

هڪ بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته مخالف ڌر کان مخالفت جي اميد ناهي، رياستي ادارا مخالفت نه ڪن.

هن چيو ته شهر ۾ 25 ٽائونز آهن، پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ گڏجي ڪم ڪنديون ته بهتر خدمت ڪري سگهندا.

ميئر ڪراچي چيو ته هو ڏهن ڏينهن ۾ اعلان ڪندو ته هو ڪهڙي تڪ تان چونڊ وڙهندو.

واضح رهي ته گذريل هفتي ميئر ڪراچي جي سيٽ تي مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي هئي، جڏهن ته جماعت اسلامي جو اميدوار حافظ نعيم الرحمان 160 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو هو.

Read Previous

لاپتا آبدوز ٽائيٽن جي آخري وڊيو جاري ڪئي وئي

Read Next

سيف سٽي پروجيڪٽ هڪ مڪمل آءِ ٽي پيڪيج هوندو: مراد علي شاهه

Most Popular