فوجي عدالتون: پنجاب حڪومت 9 مئي سانحي بعد گرفتار ماڻهن جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن بابت ڪيسن بابت ٻڌڻيءَ دوران پنجاب حڪومت 9 مئي جي واقعن بعد گرفتار ڪيل ماڻهن جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ 81 عورتن کي حراست ۾ ورتو ويو، 42 ضمانت تي آزاد ۽ 39 جڊيشل ريمانڊ تي جيلن ۾ آهن.

پنجاب حڪومت موجب ايم پي او تحت 2 هزار 258 ماڻهن جي گرفتاري جا آرڊر جاري ڪيا ويا، 3 هزار 50 ماڻهن واقعن ۾ ملوث ثابت ٿيا، هن وقت ايم پي او تحت 21 ڄڻا جيلن ۾ قيد آهن.

پنجاب حڪومت پنهنجي جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته اي ٽي سي تحت 51ڪيس داخل ڪرايا ويا، دهشتگردي ٽوڙ قانون تحتهڪ هزار 888 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، 108جوابدار جسماني ريمانڊ ۽ 1247جڊيشل ريمانڊ تي آهن، دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت 33ڄڻن جي سڃاڻپ پريڊ ٿي آهي، 500 ڄڻن کي بيگناهه قرار ڏئي آزاد ڪيو ويو

پنجاب حڪومت جي رپورٽ ۾ فوج جي حراست ۾ موجود ٻارن، صحافين ۽ وڪيلن جي ڊيٽا جي ڊيٽا شامل نه آهي.

Read Previous

درست ناهي ته فوجي عدالتن ۾ سولين جو ٽرائل نٿو هلي سگهي: چيف جسٽس

Read Next

پنجاب جي اهم سياسي شخصيتن جي پ پ ۾ شموليت جو امڪان

Most Popular