بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي جو بنياد آهي: مريم نواز

حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي جو بنياد آهي.

مريم نواز سان بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي.

نيشنل پارٽي جو نائب صدر ڪبير احمد، جنرل سيڪريٽري جان بالادي، سينيٽر طاهر بزنجو، سينيٽر اڪرم، ايوب ملڪ ۽ اسلم بلوچ به وفد ۾ شامل هئا.

مريم نواز ۽ نيشنل پارٽي جي قيادت وچ ۾ ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل سهڪار وڌائڻ واري معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ مريم نواز جي سياسي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو.

ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف هميشه بلوچستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي جو بنياد آهي، بلوچستان جي نوجوانن جي ترقي پهرين ترجيح آهي.

مريم نواز چيو ته سي پيڪ، گوادر پورٽ، ويسٽرن روٽ ۽ ٻيا منصوبا بلوچستان جي ترقي جو ذريعو بڻجندا.

هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت بلوچستان جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏيندو.

مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر چيو ته تعليم، زراعت، صنعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۾ نوان ڪاروبار، راندين ۾ روزگار ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪندا.

Read Previous

جيڪڏهن عدالت توهين لڳائي ته اهي پنهنجي عهدن تي نه رهندا: اعتزاز احسن

Read Next

ٻيڙي حادثو، يونان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا نمبر اڃا تائين بند

Most Popular