هڪ لک 57 هزار پاڪستاني حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا

پاڪستان مان سعودي عرب پهچندڙ حاجين جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.

مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب هڪ لک 57 هزار پاڪستاني حاجي سعودي عرب پهچي ويا آهن.

ترجمان چيو ته 81 هزار سرڪاري ۽ 76 هزار خانگي حج اسڪيمن ذريعي سعودي عرب پهچي چڪا آهن.

ترجمان موجب حج کان اڳ آخري جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ ڪعبي ۾ رش نظر آئي، جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سعودي انتظاميه صبح سوير ئي ٽرانسپورٽ بند ڪري ڇڏي.

ترجمان موجب سعودي اسڪولن منيٰ ۽ عرفات جي خيمن جي تياري کي حتمي شڪل ڏني آهي.

ڊائريڪٽر جنرل حج ساجد يوسفاڻي جو چوڻ آهي ته 63 سيڪڙو سرڪاري حاجين کي ٽرين سروس فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته 37 سيڪڙو سرڪاري حاجين کي منيٰ کان عرفات ۽ مزدلفه تائين بسن ۾ پهچايو ويندو.


ڊي جي حج موجب منيٰ وادي ۽ جمرات ۾ پاڪستاني اسسٽنٽ جون گائيڊنگ پوسٽون مقرر ڪيون ويون آهن، منيٰ ۾ پاڪستان حج مشن جون 2 ڪئمپ آفيسون قائم ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته گم ٿيل ۽ وصولي جو کاتو، گائيڊنس، شڪايتون ۽ مانيٽرنگ ڊيسڪ 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو.

ان کان علاوه ترجمان جو چوڻ آهي ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود عام حاجين سان گڏ حج ادا ڪندو.

ترجمان موجب سينيٽر محمد طلحه محمود حج ميڊيڪل مشن، ڪيترين ئي پاڪستاني عمارتن جو دورو ڪيو ۽ حاجين سان ملاقات به ڪئي.

سينيٽر طلحه محمود چيو آهي ته عازمين جي بهتر رهنمائي ڪئي ويندي ۽ شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو، پرائيويٽ حج گروپ آپريٽر پنهنجي حاجين کي بهترين سهولتون فراهم ڪن.

Read Previous

ٻيڙي حادثو، يونان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا نمبر اڃا تائين بند

Read Next

ٽائيٽن ڪمپني تي اربين ڊالرن جي هرجاڻي جو امڪان

Most Popular