ڪراچي ۾ قرباني جو جانور ڏسڻ جو شوقين ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو

ڪراچي ۾ قرباني جا جانور ڏسڻ جو شوق رکندڙ ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو.

نيو ڪراچي 11 جي گوڌرا چوڪ ڀرسان قرباني لاءِ آندل ڍور کي 12 ورهين جو ابراهيم ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته ڍور مڇرجي پيو.

سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڍور رسي ٽوڙائي ڀڳو، جيڪا رسي ٻارڙِي جي پيرن ۾ ويڙهجي وئي ۽ ڍڳو ٻارڙي کي گهليندو پري تائين کڻي ويو.

پوليس موجب ٻارڙي کي ڍورن جي رسي ۾ ويڙهيل ڏسي ماڻهن ٻار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گهٽيءَ ۾ ڍڳي کي پڪڙڻ بعد ٻارڙي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب 12 ورهين جو ابراهيم سخت زخمي ٿيڻ سبب اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

Read Previous

ٽائيٽينڪ جهاز جي تباهي ڏسڻ لاءِ ويندڙ 2 پاڪستانين سميت پنجن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق

Read Next

عزير بلوچ جي سب جيل منتقلي جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست داخل

Most Popular