عزير بلوچ جي سب جيل منتقلي جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست داخل

عزير بلوچ کي سينٽرل جيل مان سب جيل منتقل ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن خلاف درخواست داخل ڪئي وئي.

ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت، آءِ جي جيل، سپرنٽينڊنٽ سينٽرل جيل کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي 13 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

درخواستگذار حيدر فاروق چيو ته عزير بلوچ 2016ع کان جيل ۾ آهي، 9 جون 2020ع تي عزير بلوچ کي سينٽرل جيل مان سب جيل مٺا رام منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سب جيل ميٺا رام ۾ عزير بلوچ کي بنيادي سهولتون نه ڏنيون پيون وڃن، کيس پکي کان سواءِ ننڍڙي تنگ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو آهي.

درخواستگذار وڌيڪ چيو ته گهر ڀاتين کي مهيني ۾ هڪ ڏينهن ملڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، خدشو آهي ته عزير بلوچ کي جيل مان عدالت وٺي وڃڻ وقت قتل نه ڪيو وڃي.

درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي ته عزير بلوچ کي سب جيل منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي کيس بنيادي سهولتون ۽ سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

Read Previous

ڪراچي ۾ قرباني جو جانور ڏسڻ جو شوقين ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو

Read Next

ڪراچي ۾ بلڊر کان ڀتو وٺڻ تي ايس بي سي اي جا 3 انسپيڪٽر گرفتار

Most Popular