پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن: اسحاق ڊار

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سمورن نقطن تي عمل ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته گذريل حڪومت جي ملڪ دشمن پاليسين سبب قوم ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهي آهي.

اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا شرط پورا ڪيا آهن، اسان چيو ته هي ٽيڪس غريبن تي نه لڳايو ويندو، اسان ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو آهي ته جاري خرچن ۾ گهٽتائي ڪنداسين، خرچن جي مد ۾ 85 ارب رپين جي گهٽتائي تي اتفاق ڪيو آهي، ان ڪٽوتيءَ سان پگهار يا پينشن تي اثر نه پوندو، پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ٻيڻو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي.

ناڻي واري وزير چيو ته انشاءَ الله آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيندو، جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيو ته ناڻي واري وزارت جي ويب سائيٽ تي شايع ڪيو ويندو.

هن چيو ته وفاقي حڪومت جي خرچن جو تخمينو 14 هزار 480 رپيا هوندو، بجيٽ ۾ بهتري آئي آهي ۽ مالياتي خساري ۾ 300 ارب جو فائدو ٿيندو، هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته مالي مشڪلاتن جا ڪيترائي سبب آهن.

ناڻي واري وزير چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين سبب معيشت تي خراب اثر پيا، الله جو شڪر آهي ته پاڪستان جي عوام اهڙين شين کان آگاهه ٿي چڪي آهي، عوام موقعو ڏنو ته نامڪمل معاشي ايجنڊا پوري ڪنداسين. جلد ملندو، پاڪستان کي جي 20 ۾ شامل ڪيو ويندو.

Read Previous

قانون جي بار بار تشريح سان تڪرار جنم وٺن ٿا: چيف جسٽس

Read Next

ن ليگ اڳواڻ امير مقام جي قافلي تي هٿياربندن جي فائرنگ

Most Popular