ويگنر گروپ پاران بغاوت جي اعلان کان پوءِ روسي دفاع واري وزارت هڪ پيغام جاري

روسي پرائيويٽ فوجي ڪمپني ويگنر گروپ پاران روسي فوجي قيادت خلاف بغاوت جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ روسي بچاءَ واري وزارت هڪ پيغام جاري ڪيو.

روسي دفاع واري وزارت جو چوڻ آهي ته ويگنر سپاهين کي ٺڳيو ويو آهي، انهن کي ڏوهن طرف گهليو پيو وڃي، ويگنر سپاهي روسي دفاعي نمائندن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطو ڪن.

پرڏيهي ميڊيا موجب روسي بچاءَ واري وزارت ويگنر فوجين جي سيڪيورٽي جي ضمانت ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

ان کان اڳ ويگنر گروپ جي سربراهه اعلان ڪيو هو ته هو روسي وزارت دفاع خلاف انتها تي ويندا.

ويگنر گروپ جي سربراهه يوون پريگوجن الزام لڳايو هو ته روس ويگنر گروپ جي سپاهين کي ميزائل حملي سان نشانو بڻايو.

Read Previous

ويگنر گروپ روس جي خلاف بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

جرمني پنهنجي شهرين کي ماسڪو ڏانهن سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Most Popular