ڪراچي جي ميئر جي چونڊ ٽريلر آهي، فلم اڃا باقي آهي، حافظ نعيم

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي جي ميئر جي چونڊ هڪ ٽريلر آهي، فلم اڃا باقي آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جي عوام جي مينڊيٽ جو تحفظ نه ڪيو ويو ته سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ اهو ئي ٿيندو، ڪراچي تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين.

هن چيو ته پيپلز پارٽي 15 سالن ۾ ڪراچي کي ڪو به وڏو منصوبو نه ڏنو آهي، پيپلز پارٽي پنهنجي اتحادين سان گڏجي صوبي جي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي نوجوانن لاءِ نوڪرين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، امير جماعت اسلامي سراج الحق ڪراچي جي چونڊن کي سڄي ملڪ ۾ فراڊ قرار ڏنو آهي.

امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو آهي ته ڪراچي جي اليڪشن ۾ 31 ملازمن کي روڪيو ويو يا خريد ڪيو ويو، اسان اهي ماڻهو نه آهيون جو ڪرپشن جي پئسي واڪ لڳايو ۽ خريد ڪري ڇڏيو.

Read Previous

سنڌ پوليس جي شهيدن کي ياد ڪرڻ جي روايت برقرار

Read Next

عيد الاضحيٰ تي سمورا يوسي چيئرمين عوامي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائين: مرتضيٰ وهاب

Most Popular