عيد الاضحيٰ تي سمورا يوسي چيئرمين عوامي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عيد الاضحيٰ جي موقعي تي يوسيز جا سمورا چيئرمين پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ عوامي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين.

ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد جي گڏيل صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽائون چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شرڪت ڪئي.

پيپلزپارٽي جا پارلياماني اڳواڻ نجمي عالم، ڪرم الله ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سالڊ ويسٽ آفيس ۾ ٿيل اجلاس ۾ عيدالاضحيٰ دوران ڪچرو کڻڻ جي آپريشن جي پلان جو جائزو ورتو ويو.

هن چيو ته ڄام چڪرو، گونڊ پاس ۽ ملير جي لينڊ فل سائيٽن تي 91 ڪليڪشن پوائنٽس ۽ 18 وڏيون خندقون کوٽيون ويون آهن..

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته عيدالاضحيٰ جي انتظامن جي سلسلي ۾ لينڊ فل سائيٽ تي کوٽائي جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي ته ڪچري کي محفوظ طريقي سان دفن ڪرڻ لاءِ شڪايتي مرڪز هر ضلعي ۾ فعال هوندا، شهري 1128 تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا.

ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته گند دفن ڪرڻ لاءِ ڪل 18 خندقون ٺاهيون ويون آهن، آپريشن ۾ ڪل 6802 گاڏيون ۽ 24366 مزدور ڪم ڪندا.

Read Previous

ڪراچي جي ميئر جي چونڊ ٽريلر آهي، فلم اڃا باقي آهي، حافظ نعيم

Read Next

ڪرڪيٽر احمد شهزاد کي ماءُ سان گڏ حج ڪرڻ جو موقعو ملي ويو

Most Popular