نااهلي جي وڌ کان وڌ سزا 5 سال مقرر ڪرڻ وارو بل منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي نااهلي جي وڌ کان وڌ سزا 5 سال مقرر ڪرڻ واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل جي منظوري سان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ جهانگير ترين جي اهليت لاءِ دڳ کلي ويا.

سينيٽ مان منظوري ورتل اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل 2023 منظوري لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، بل ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سپليمينٽري ايجنڊا تي منظوري لاءِ پيش ڪيو.

قومي اسيمبلي اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، بل ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي، ترميم جي منظوري بعد هاڻي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جي سزا 5 سال هوندي.

Read Previous

قومي اسيمبلي 14 هزار 480 ارب روپين جي ماليت جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاريلن هٿان اغوا ٿيل خانگي ڪمپني جي ٽن ملازمن جي وڊيو جاري

Most Popular