ملڪ کي ڊيفالٽ ڪندڙ اڄ اسحاق ڊار کان استعيفيٰ گهري رهيا آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته معاشي، بارودي سرنگهون وڇائيندڙ، ملڪ کي ڊيفالٽ ڪندڙ ۽ عوام جي ماني تي ڌاڙو هڻندڙ پرڏيهي ايجنٽ اڄ اسحاق ڊار کان استعيفيٰ گهري رهيا آهن.

شاهه محمود قريشي جي بيان تي رد عمل ڏيندي سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته معيشت جو تختو پٽ ڪندڙ پنهنجي ئي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي کي بحال ٿيندي ڏسي ڇو روئي رهيا آهن؟ 9 مئي تي ملڪ ۾ باهيون ڏنيون ويون، فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا. شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، هاڻ معاشي مفادن تي حملن جون ٻيهر تياريون ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته آءِ ايم ايف سان سمجهوتو ويجهو ٿيڻ جي خبر ٻڌندي ئي تخريبڪارن، سازشين ۽ ملڪ دشمنن جو روڄ پٽڪو شروع ٿي ويو آهي. سخت شرطن تي آءِ ايم سان معاهدو ڪيو، هنن پاڻ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. پنهنجي ڪيل معاهدي کي ٽوڙيو ويو. ٻيهر ملڪ ۽ معاهدي خلاف سازشون ڪيون ويون. معاهدو ٿيڻ تي رڙيون ڪندڙن کان سوال اهو پڇڻ گهرجي ته اوهان آءِ ايم سان معاهدو ڇو ڪيو هو؟

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪي معاهدو ٿيڻ تي دانهون ڪري رهيا آهن. آءِ ايم ايف سان معاهدو انهن پاڻ ئي ڪيو هو. هن معاهدي کي نه صرف ٽوڙيو ويو پر ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي به سازش ڪئي وئي هئي. نوازشريف ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪري ويو هو. پرڏيهي ايجنٽ معيشت جا بنياد لوهي ڇڏيا. جنهن کان پوءِ ملڪ ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ ويو.

مريم نواز وڌيڪ چيو ته نوازشريف واحد اڳواڻ آهي جنهن جي حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪيو. ۽ ملڪ کي ترقي جي رستي تي آندو. مري ويندس آءِ ايم ايف نه ويندس چوندڙ پوءِ ڇو آءِ ايم ايف وٽ ويا؟ عوام جي پيٽ تي مهانگائي جا پٿر ٻڌندڙ بيشرم ملڪي معيشت سنڀاليندڙ اسحاق ڊار کان استعيفيٰ گهري رهيا آهن.

Read Previous

بلوچستان ڪابينا پاران سمورن هاءِ ويز تان سيڪيورٽي چوڪيون هٽائڻ جو حڪم

Read Next

بجيٽ رد، اسحاق ڊار استعيفيٰ ڏئي ڪنهن ٻئي کي ذميواري ڏئي، پي ٽي آءِ

Most Popular