بجيٽ رد، اسحاق ڊار استعيفيٰ ڏئي ڪنهن ٻئي کي ذميواري ڏئي، پي ٽي آءِ

ملتان: تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تي ڀروسو نه رهيو آهي. کيس فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته آءِ ايم ايف بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. 215 ارب روپين جي وڌيڪ ٽيڪسز جي خبر قوم کي ٻڌائي وئي آهي. جنهن بجيٽ تي ووٽنگ ٿيندي اهو نئون فنانس بل هوندو جيڪو اڳ ٽيڪس لڳندو اهو پنهنجي جڳهه تي موجود آهي. هاڻ وڌيڪ 215 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن.

هن چيو ته آءِ ايم ايف جو اسحاق ڊار تي ڀروسو نه آهي. وزيراعظم به آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ڳالهيون ڪيون. وڌيڪ 215 ارب روپين جو بار پاڪستانين مٿان وڌو ويو آهي. آءِ ايم ايف روينيو ٽارگيٽ مان مطمئن نه آهي. جيڪي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن اهي حقيقت تي ٻڌل نه آهن. وقتي طور تي ماڻهن جو منهن بند ڪيو پيو وڃي. پر هي حقيقتن تي پردو نٿا وجهي سگهن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فنانس بل کي ريوائز ڪيو پيو وڃي. شهرن ۾ 12-12 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هي بجيٽ قوم، واپاري، هاري ۽ صنعتڪار رد ڪري چڪا آهن. هاڻ آءِ ايم ايف به بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي گذارش آهي ته اسحاق ڊار استعيفيٰ ڏئي ڪنهن ٻئي کي ذميواري ڏئي.

Read Previous

ملڪ کي ڊيفالٽ ڪندڙ اڄ اسحاق ڊار کان استعيفيٰ گهري رهيا آهن: مريم اورنگزيب

Read Next

نواز شريف جون واپسي لاءِ تياريون، پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون

Most Popular